شمشان گهاٽ مندر ملير

شمشان گهاٽ مندر ملير: هيءُ مندر ڪراچيءَ جي هاڻوڪي تاج ڪالوني'>آگرا تاج ڪالوني لياري، لياري نئن جي ڪناري، هندن جي شمشان (مساڻ) گهاٽ واري علائقي ۾ هو. ان ڪري آگري تاج واري روڊ کي شمشان/مساڻ روڊ (آتما رام پريتم داس روڊ) چيو وڃي ٿو. ڪتاب ‘ڪراچي سنڌ جي مارئي’ (ٻيو ڇاپو، ص 570) جي لکڻ مطابق انهيءَ مندر جي جاءِ تي 1948ع ۾ هندستان کان آيل مهاجر ڊاڪٽر شير شاهه سيد جي والد ظفر علي آزاد ‘غازي محمد بن قاسم’ نالي اسڪول کوليو هو، جيڪو اڃا تائين قائم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو